اوورٽيڪنگ ڪندي تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي 30 زخمي

ڀرياسٽي (مجيد ڪيريو)  ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراه تي دالي وٽ ڪراچي کان مظفر آباد آزاد ڪشميرويندڙ مسافر ڪوچ اورٽيڪ دوران موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمين کي موٽروي پوليس ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي مدد سان ڀرياسٽي ۽ ڪنڊيارو اسپتالن ۾ داخل ڪرايو. زخمين ۾ محمد حسن، محمد علي ، اخلاق ، محمد اقبال ، شاهد حسين ، مسمات ريشمان ، ماهه ولي ، محمد صادق ، روح نواز ، حميد ۽ ٻيا شامل آهن. زخمي مسافرن کي ڊاڪٽرن فورن طبي امداد فراهم ڪئي وئي. ٻن ڄڻن اخلاق احمد  ۽ محمد علي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران مسافرن کي علاج بعد پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو