ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي، مراد شاهه اليڪشن ڪميشن  طلب

ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي، مراد شاهه اليڪشن ڪميشن طلب

لاڙڪاڻو(رپورٽر) ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي طلب ڪري ورتو. 21 جون 2022ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن وڏي وزير وزير سيد مراد علي شاهه کي طلب ڪندي جواب گهري ورتو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي 21 جون تي پ پ جي جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو جيڪو قائدن جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن وڏي وزير کي حڪم ڏنو ته 28 جون ته منجهند جو هڪ هو اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ پيش ٿئي يا پنهنجي وڪيل کي موڪلي. اليڪشن ڪميشڻ ڊپٽي ڪمشنر کي به وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو