اسپتال انتظاميا جي غفلت، عورت رستي ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو

اسپتال انتظاميا جي غفلت، عورت رستي ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو

جوهي (ن سنڌيار)جوهي :واهي پانڌي ۾ پي پي ايڇ آء واهي پانڌي اسپتال انتظاميا رات دير سان گورک کان ڊليوري لاءِ آيل عورت کي مبينا ڊليوري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏي ڇڏيو خبر موجب سنڌ جي تفريح مقام گورک هل اسٽيشن جا رهواسي آلکاڻي برادري پاران رات دير سان مسمات (ح ن آلکاڻي) کي ڊليوري لاء واهي پانڌي صحت مرڪز پهچايو جتي مڊ وائيف مبينا انڪار ڪري جوهي اسپتال وڃڻ لاء چيو وارثن موجب سيريس حالت ۾ اسپتال انتظاميا ايمبلينس به نه ڏني پنهنجي نجي جيپ ذريعي سيريس حالت ۾ جوهي نيو پئي ويو ته عورت رستي ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو عورت جي وارثن ميهر الله آلکاڻي، پرويز آلکاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته واهي پانڌي اسپتال ۾ رات جي شفٽ ۾ مقرر مڊوائيف سميت انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو