پهرين مرحلي ۾ اسان جا2500 اميدوار  اليڪشن م حصو وٺن ٿا: راشد

پهرين مرحلي ۾ اسان جا2500 اميدوار اليڪشن م حصو وٺن ٿا: راشد

جيڪب اباد (ن سنڌيار)جيڪب آباد ۾ جي يو ائي اڳواڻ راشد محمود سومرو جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ راشد محمود سومرو جيڪب اباد جي يو آئي جي مقامي اڳواڻ ڊاڪٽر اي جي انصاري جي رهائش گاھ تي پهتو جتي ھن ميڊياسان ڳالهه ٻولهه ڪئي تفصيل موجب جميعت علماءِ اسلام جو اگواڻ راشد محمود سومري ميڊياساڻ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن جي پھرين مرحلي ۾ جميعت جا2500 اميدوار اليڪشن م حصو وٺن ٿا جن م 250اميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿيااهن ھن چيو ته تمام جماعتون ڪورٽ م ويون پو به سنڌ حڪومت ترميم نٿي ڪري سنڌ حڪومت تڪ بندين م داڌلي ڪئي آھي اليڪشن ڪميشن جو پورو عملو سنڌ حڪومت جي حڪم تي عمل ڪري رهيو آھي اسان جي اميدوارن جا فارم بناڏوه جي رد ڪيا ويا سنڌ حڪومت پاڻ کي سنڌ جو مالڪ سمجهي ٿي بلاول ڀٽو صاحب امريڪا جو دورو پو ڪر پهريان اسان جي اميدوارن جا مسئلا حل ڪر پي پي لاڙڪاڻي ۾ ڪمزور ٿي وئي آھي جنهن سبب اسان جي اميدوارن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن اليڪشن رينجرز جي نگراني م ڪرائي وڃي اسان جي ڳالھ سڀ ڊي آر او ياد رکن اگر اسان سان ناجائزي ٿي ڪراچي ۾ وزيراعلا هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندوھن چيو ته رسول پاڪ جي شان ۾ ھندستان جي حڪمران جماعت غستاخي ڪئي آھي پوري دنيا جا مسلمان ڀارت جي سوچ تي لعنت وجهون ٿا جمعي جي ڏينهن پوري سنڌ ۾ جي يو آ۽ ڀارتي حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪندي اٺارهن جون تي سکر م مولانا فضل رحمان جلسي کي خطاب ڪندو عمران خان جي غلط پاليسن سبب پيٽرول مهانگو ٿيو آھي پيٽرول جي مهانگائي جو سوال عمران خان کان پڇيو وڃي مان اڄ به چوان ٿو زرداري کان سنڌ جي جان ڇڏايو ء ان ڳالھ تي قائم آھيان

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو