جوهي (ن سنڌيار )جوهي لڳ ڳوٺ گل محمد گنب جي سامهون ڀان روڊ تي پنڪچر واري ڪچي دڪان کي نامعلوم ماڻھو باھ ڏئي ويا پورهيت حاجي خان کوسو صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ گل محمد گنب جي سامهون ڀان روڊ تي ٽائر پنڪچر واري دڪان کي رات دير سان نامعلوم ماڻھو باھ ڏئي ويا هن چيو ته ٻچڙن جي روزي ڪيان پيو شرپسند ماڻھو رات دير سان دڪان کي باھ ڏئي ويا دڪان اندر پيل سمورو سامان موٽر سائيڪل ٽيوپ پنڪچر سامان سميت سڀ سڙي رک ٿي ويو هن چيو ته اهڙي واقعي جي ڪيس جوهي ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن تي داخل ڪرائي هن ايس ايس پي دادو سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته جاچ ڪري دڪان کي باھ ڏيندڙ شرپسندن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي










