ايس يو پي جو سڏ،ڪارڪنن جو مهانگائي خلاف احتجاج

ايس يو پي جو سڏ،ڪارڪنن جو مهانگائي خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ (ن سنڌيار) شهدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي مرڪزي سڏ تي پيٽرول، ڊيزل، کائڻ واري تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙمهانگائي خلاف احتجاج، وزيراعظم جي پتلي کي باه، شهدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي هڪ هفتي اندر پيٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ 60 روپيا واڌ، کائڻ جي تيل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف الهداد خشڪ، آصف مگسي، حاڪم مستوئي، آصف لاشاري، حمل خان خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين وزير اعظم شهباز شريف جي پتلي کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌيندڙ مهانگائي غريب، مسڪين مزدور ماڻهن جون متون منجهائي ڇڏيون آهن، هنن چيو ته غريب مسڪين ماڻهون هڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاء به پريشان آهن حڪومت ويتر انهن مٿان پيٽرول بم ڪيرائي کائڻ وارر تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ماڻهن کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هنن وفاقي حڪومت کان پيٽرول، ڊيزل، کائڻ جي تيل سميت کاڌي پيتي جي شين جي اگهڻ ۾ گهٽتائي آڻي غريب، مسڪين، مزدور ماڻهن کي رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو