پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالام ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته لانگ مارچ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي مارجڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. وڏي وزير محمود خان چيو ته گهرو وزير منهنجي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، حڪومت ڪيترو به تشدد ڪري، پوئتي نه هٽنداسين.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جو ليڊر عمران خان ٻيهر ڪال ڏيندو ته عوام وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪرندو.










