بالنگ ايڪشن مامرو، شعيب جو سهواگ کي جواب

بالنگ ايڪشن مامرو، شعيب جو سهواگ کي جواب

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب اختر اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ جي ايڪشن کي غير قانوني قرار ڏيڻ تي ڀارتي اسٽار کي جواب ڏنو آهي.۽ شعيب اختر چيو ته جيڪڏهن وريندر سهواگ وٽ آءِ سي سي کان وڌيڪ معلومات آهي ته اها الڳ ڳالهه آهي ٻي صورت ۾ ورندر سهواگ کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته وريندر سهواگ منهنجو بالنگ ايڪشن غير قانوني سمجهي سگهي ٿو پر پاڪستان يا ڀارت ۾ ڪو به اهڙو نٿو سوچي، منهنجو بالنگ ايڪشن آءِ سي سي ڪليئر ڪيو هو.ويريندر سهواگ جي باري ۾ منهنجي راءِ مختلف آهي. سهواگ هڪ بهترين رانديگر ۽ هندستان جو بهترين اوپنر رهيو آهي. مان هن عمر ۾ آهيان جتي مان پنهنجي راءِ جو اظهار خيال سان ڪندو آهيان،هو منهنجو سٺو دوست آهي، مون وريندر سهواگ جا الزام نه ٻڌا، مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته آئوٽ ٿي وڃان ۽ ڪنهن کي زخمي نه ڪريان.هن چيو ته مان پنهنجي بيانن سان پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهيان ٿو، مان پاڪستان جو قومي هيرو آهيان، ان ڪري وريندر سهواگ کي منهنجي باري ۾ سوچڻ ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو