قوم غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ تيار رهي: عمران خان

قوم غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ تيار رهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قوم سياسي، معاشي ۽ سماجي غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ تيار رهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان اسلامي تنظيم پاڪستان جي امير شجاع الدين شيخ، نائب امير اعجاز لطيف ۽ ناظم مرڪز اظهر خلجي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سينيئر اڳواڻ سيف الله خان نيازي به موجود هئا. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ تنظيم اسلامي پاڪستان جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ان موقعي تي چيئرمين پي ٽي آءِ جو چوڻ هو ته قوم کي غلام بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، قوم کي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.عمران خان وڌيڪ چيو ته اشرافيه قوم کي غير ملڪي آقا ۽ غلام بڻائي ڇڏيو آهي پر قوم سياسي، معاشي ۽ سماجي غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي ٽوئيٽر تي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ چارٽ پوسٽ ڪيو جنهن ۾ هن ترقي جي شرح سميت ٻين شعبن جي ڪارڪردگي پيش ڪئي.عمران خان پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي بيان ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا تي حڪومت تبديل ڪرڻ جو الزام هنيو.هن چيو ته جڏهن حڪومت تبديل ڪرڻ جي آمريڪي سازش ذريعي پي ٽي آءِ حڪومت کي هٽايو ويو ته اسان 6 سيڪڙو معاشي ترقي حاصل ڪرڻ جي ويجهو هئاسين.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اين آر او 2 کي پنهنجي پهرين ترجيح بڻائيندڙ ڏوهارين جي ٽولي منهنجي ٽيم جي ڪيل سمورن عظيم ڪمن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو