آرائين برداري جا اڳواڻ جي ڊي اي ۾ شامل

عادلپور(ن سنڌيار)بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ئي سياسي سرگرميون عروج تي پهچي ويون آھن ان سلسلي ۾ جي ڊي اي اميدوارن يوسي صالح مھر لاء پنهنجا نامينيشن فارم آر او آفيس گھوٽڪي وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا ان ڏس ۾ يوسي صالح مھر جي ڊي اي جي اميدوارن پاران جنھن ۾ يوسي چيئرمين جي سيٽ تي ايڊووڪيٽ عرض آزاد مھر وائيس چيئرمين فداحسين لنجار ضلعي ڪائونسل ميمبر شپ لاءِ شاھد علي مھر وارڊ 4 تي محمد اسلم مھر ، پاران فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ھوڏانھن يوسي قاضي بادل مھر تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي وڏو جھٽڪو لڳو آھي جنھن ۾ آرائين برادري جي اڳواڻن پيپلزپارٽي کي خيرآباد چئي مھر گروپ جي سرواڻ سردار علي گوھر خان مھر سان خانڳڙھ ۾ ملاقات ڪري مھر گروپ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آھي ان جڏھن ته جي ڊي اي سربراھ حرن جي روحاني پيشوا ۽ اعلي حضرت پيرسائين پاڳارا جن جي حڪم تي ۽ مھر گروپ جي سرواڻ سردار علي گوھر خان مھر جي مشاورت سان خليفه فقير احمد صالح مھر مک چونگي گھمه يوسي قاضي بادل مھر پھچي ڪري پينل جو حتمي اعلان ڪيو جنھن ۾ يوسي چيئرمين تي محمدقاسم چاچڙ وائيس چيئرمين سعيد احمد آرائين ضلعي ڪائونسل ميمبر غوث بخش مھر جنرل وارڊ (3) قاضي بادل مھر تي ايڊووڪيٽ عبدالستار مھر کي نامزد ڪيو ويو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو