ڪير غدار آھي؟

طفيل مگسي
ميان عمران خان نيازي تو اسان کي اها ڳالھ سمجهائي ڇڏي ۽ اسان وري انهيء کي سمجهي ڪري ياد به ڪري ڇڏيو آھي ته بيشڪ توکانسواء باقي سڀ چور.غدار ۽ امپورٽيڊ آھن. جرنيل باجوه کان سپاهي بربان علي تائين سڀ نڪهما.ڪو چور.غدار ۽ ھڏ حرام.نيوٽرل جانور ۽ امريڪي غلام آھن. وزيراعظم شھباز شريف کان منو ڀائي ريڙھي واري جي نسب به ڪيو نٿو ڄاڻي فقظ تون ڄاڻين ٿو. اسان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ڪري ياد به ڪري چڪا آھيون ته مولوين ۾ صرف طارق جميل آھي.ڊاڪٽرن ۾َصرف ڊاڪٽر علوي ئي آھي.ججن ۾ جج صرف بابا رحمتي نثار ثاقب آھي ۽ ليڊرن ۾ ليڊر صرف عمران خان نيازي آھي. تون اسان کي سمجهائي ڇڏيو ۽ اسان سمجهي چڪا آھيون ته مولانا فضل الرحمان .مولوي فضلو ۽ مولوي ڊيزل آھي. ليڪن هن وقت اسان ته فقط اهو ڄاڻڻ جي اوسيئڙي ۾ آھيون ته تون پنهنجي گذريل چئن سان واري ڪارڪردگي ٻڌاء ته تو ڪهڙا ڪهڙا ڪارنا سرانجام ڏنا.ڪهڙو تير هنئي جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگهون ته تون بيشڪ سچ ارشاد فرمائي رهيو آھين. جيستائين اسان جو پريڪٽيڪل آھي.ان جي مطابق چئن سالن واري حڪومتي دور ۾ سواء چرس ۽ ڪنڊوم جي باقي ڪابه شيء گهڻي مقدار ۾ نه هئي.۽ نه وري ڪا سستي ئي هئي.البته اهي ٻئي شيون سستيون ضرور هيون ۽ جهجهي مقدار ۾ پڻ بازار ۾ موجود هيون.شايد اها تنهنجي انڊسٽري رهي هجي يا تنهنجن ڪارڪنن جو ڪاروبار رهيو هجي. ان کان علاوه ڏور ۽ ويجهو دوربين ۽ خوردبين کان به ڏٺوسين ته تعريف وثنا جي لائق ڪجه به نه مليو.ڊالر منهگو.تيل منهگو.اٽو منهگو.داليون منهگيون.سبزيون منهگيون.فروٽ مهنگو.تعليم.منهگي.ايستائين ته موت به منهگو هو .ڇوته قبر تي به تو پنج سو رپيا ٽيڪس هڻي ڇڏي هئي. نوشه خانه تو ڦري ڇڏيو.زمينن تي تون ڪميشنون وٺندو رهين.پنجن منٽن جو سفر تون هيلي ڪاپٽر تي ڪندو رهين.رياست مديني جي عوي خوب ڪندو رهين.ليڪن ڪڏھن عيدن جي نماز نه پڙھين.آخري نبي صلي الله عليه واله وسلم کي ڪڏھن خاتم النبي نه مڃيئي.قوم.کي سبزباغ ڏيکاريائين.ليڪن هڪ به وعدو وفا نه ڪيئي.معاشي ٽيم جي دعوي هئي.ليڪن اسٽيٽ بينڪ به امريڪا کي وڪرو ڪري ڃڏيئي. ابسوليوٽلي ناٽ جا نعرا هنيائين.ليڪن امريڪي حڪم تي سي پيڪ بند ڪري ڇڏيئي.گوادر پورٽ بند ڪري ڇڏيئي.ڪشمير ڀارتين جي حوالي ڪري ڇڏيئي.ھاء شوڪت خانم جي نالي ٿي خيرات گهريئي.ليڪن پئسا پاڻ استعمال ڪندو رهين.اسرائيل.امريڪا ۽ ڀارت کان ڳجها فنڊ وٺندو رهين.يهودين جي چئن وڏن منجهان هڪ تنهنجو سهرو به آھي.تنهنجا ٻارڙا يهودين ۾ رهن پيا.بقول تنهنجي ڀارتين سان تنهنجي دوستي آھي. پنهنجي زندگي.چئن سالن واريون لنڊو ڪتن واريون حرڪتون.عملي قدم ۽ مٽيون مائٽيون .دل ته چئي ٿي ته تنهنجين ئي تقريرن منجهان گڏ ڪيل ٻه چار وڏدون وڏيون گاريون ڏئي ڪري چوان ته چور.غدار.امريڪي.اسرائيلي.ڀارتي غلام.۽ امپورٽيڊ ڪو ٻيو نه بلڪ تون پاڻ ئي آھين نيازي صاحب…

پهنجو تبصرو موڪليو