احسن اقبال سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ گوادر جو دورو ڪندو

احسن اقبال سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ گوادر جو دورو ڪندو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مان ايندڙ هفتي گوادر جو دورو ڪندس ته جيئن ذاتي طور تي سي پيڪ منصوبن جي اڳڀرائي کي ڏسان ۽ اهو به ڏسان ته ڇا خاميون آهن ته جيئن حڪومت انهن ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهي گوادر پورو کي خاص انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته گوادر سي پيڪ جو داخلي رستو آهي مان سمجهان ٿو ته گوادر جي ترقي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اتي آبي وسيلن سان گڏوگڏ بجلي جي وسيلن جي به ضرورت آهي هن چيو ته اسان فاسٽ ٽريڊ بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن اتي موجود خلا کي پر ڪري سگهجي. ذاتي طور تي هن اميد ظاهر ڪئي ته ان جي گوادر جي دوري سان ان کي مڪاني ماڻهن ۽ گوادر ۾ ڪم ڪندڙن چيني سان ملڻ ۾ مدد ملندي ته جيئن ٻئي ڌريون گوادر ۾ سي پيڪ منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪري سگهن. هن چيو ته جڏهن کان پنهنجي عهدي تي آيو آهيان سي پيڪ تي ڪيتريون ميٽنگ ڪيون ۽ ان تمام اسٽيڪ هولڊرن سان ويجهڙائي وارا رابطا ڪيا. هن چيو ته مان پاڪستان ۾ سمورن چيني ڪمپنين سان گڏجي حڪومتي وزارتن ۽ کاتن سان ميٽنگ ڪئي. ۽ اسان انهن درپيش مسئلن جي خبر لڳائي ۽ حڪومتي وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو انهن مسئلن کي تيزي سان حل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو