هڪ هفتي دوران 190 ملين ڊالر جي ڪمي واقع ٿي: اسد عمر

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آئي جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته نهايت محنت سان جڙيل مرڪزي بئنڪ جا ذخيرا بخارات بڻجي تيزي سان هوا ۾ تحليل ٿي رهيا آهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گذريل صرف هڪ هفتي دوران 190 ملين ڊالر جي ڪمي واقع ٿي آهي عدم اعتماد جي تحريڪ کان پوءِ هن وقت تائين 6 ارب ڊالر ذّخيرن مان ڪڍي چڪا آهن هن چيو ته ذخيرن ۾ تيزي سان گهٽتائي سبب رپيو هيٺ ڪري رهيو آهي ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڊالر 190 جي حد کي عبور ڪيو هو ۽ هاڻي پهريان ئي ڊالر جي ٽريڊنگ 193 رپين تي ٿي رهي آهي ڇا امپورٽيڊ ڪٺپتين پاڪستان کي ايندڙ سريلنڪا بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو