اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان مردان جلسي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اي مردان وارائو اسان جو مقصد هڪ آهي ۽ اسان غيرتمند قوم آهيون هن چيو ته هڪ پرڏيهي سازش جي نتيجي ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي اسان تي مسلط ڪيو ويو عمران خان چيو ته اسان پرڏيهي سازش جي نتيجي ۾ پاڻ تي مسلط ٿيندڙ ڪرپٽ ماڻهن کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين هن چيو ته هي امپورٽيڊ حڪومت نامنظور آهي 13 مئي تي شام جو مردان ۾ توهان وٽ آيو آهيان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه 13 مئي تي شام جو مردان ۾ توهان وٽ پهچي ڪري ڪندس.










