چيف سيڪريٽري سان جرمن قونصل جنرل جي ملاقات

چيف سيڪريٽري سان جرمن قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر سهيل راجپوت چيو آهي ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي توانائي جي شعبي ۾ مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصله افزائي ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن جرمن قونصل جنرل هولگر زيگلر سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات جي دوران ڪئي. ملاقات جي ان موقعي تي گڏيل دلچسپي ۽ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته جرمني جي سرڪاري ۽ خانگي سيڙپڪارن ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو اڳتي اچن ۽ سنڌ ۾ توانائي ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪار جي موقعن مان فائدو حاصل ڪن. ان موقعي تي جرمن قونصل جنرل هولگر زيگلر چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي دوستانه واسطا گڏيل اتحاد ۽ اتفاق، سياسي ۽ سماجي ترقي ۾ سهڪار جي عڪاسي ڪن ٿا. جرمن قونصل جو وڌيڪ چوڻ هو ته جرمن ڪمپنين جي سنڌ ۾ سيڙپڪاري مان هتي معيشت کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ قائم جرمن قونصل خانو پڻ خاص طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جرمن قونصل جنرل کي سنڌ جو ثقافتي اجرڪ ۽ ٽوپي پڻ بطور تحفا پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو