صالح پٽ جي مخلف ڳوٺن ۾ 2 نارين جي خودڪشي

صالح پٽ جي مخلف ڳوٺن ۾ 2 نارين جي خودڪشي

صالح پٽ (ن س) ڳوٺ دولت شاھ ۾ گھرو تڪرار تان 25 ورھين جي عورت  سينگار شمباڻي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي. ناري جي وارثن الزام هنيو آهي ته  عورت کي سس سھري ۽ مڙس زھر ڏئي قتل ڪيو آھي. جڏهن ته  ڳوٺ آرڪور ۾ 3 مھينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ20 ورھين جي ناري جنت خاصخيلي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، پاڙي ۾ ناري کي مڙس ڪريمداد خاصخيلي پاران قتل ڪرڻ جا چوٻول به هلي رهيا آهن. پوليس ٻنھي نارين جا لاش روھڙي  اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لا۽ اماڻي ڇڏيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو