کائڻ کان بچيل تيل استمعال ٿيڻ لڳو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)اهو امڪان آهي ته مستقبل جي ايئر لائنز مسافرن جي بدران ريسٽورنٽ مان ايندڙ استعمال ٿيل تيل لاءِ وڙهنديون.ڇاڪاڻ ته استعمال ٿيل ڪوڪنگ آئل کي جيٽ فيول ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته خوردني تيل ۽ جيٽ فيول جي ڪيميائي مرڪب ۾ گهڻو فرق ناهي ان ڪري جيٽ فيول ٺاهڻ لاءِ جهازن جو ٻارڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. بهرحال، ماهرن جو چوڻ آهي ته في الحال ري سائیکل ٿيل ايندھن جيٽ روايتي ايندھن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ قيمتي آهن.محققن ۽ ايئر لائنز موجب، ڪوڪنگ آئل ۽ وڻن کان وٺي پراڻي گندگي ۽ ماس تائين ڪا به شيءِ جيٽ فيول ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو