ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز پاڪستان جي دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيوويسٽ انڊيز ايندڙ مهيني پاڪستان ۾ ٽي ون ڊي سيريز کيڏندي. نڪولس ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته جيسن هولڊر کي آرام ڏنو ويو آهي. ويسٽ انڊيز جي اسڪواڊ ۾ شائي هوپ، اينڪروما بومر، شمرا بروڪس، ڪيسي ڪارٽي، عقيل حسين ۽ الزاري جوزف شامل آهن. ان سان گڏ اسڪواڊ ۾ برينڊن ڪنگ، شيرمين لوئس، ڪيلي ميئرز، اينڊرسن فلپ، رامن پاول، جيڊن سيلز، روماريو شيفرڊ ۽ هيڊن والش جونيئر شامل آهن.واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي، ميچون 8، 10 ۽ 12 جون تي راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون.










