ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ 59 سيڪڙو پاڻي کوٽ سبب فصلن لاءِ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي.سنڌ ۾ پاڻي جي بحران سبب فصل پوکڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي، سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 48 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.ڪوٽڙي بئراج ڪنٽرول روم موجب بئراج جي اپ اسٽريم ۾ پاڻي جي آمد 5 هزار 90 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺانهون پاڻي جو وهڪرو 205 ڪيوسڪ آهي، بئراج وٽ 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي ها.پاڻي جي کوٽ سبب ڪوٽڙي بئراج مان وهندڙ واهن جي بي فيڊر، اڪرم واهه ۽ ڪمبائنڊ چينل مان رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته هن وقت بئراج تي زراعت لاءِ پاڻي موجود ناهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن برساتن جو نئون سلسلو شروع نه ٿيو ته فصلن کي نقصان پهچندو، تازو برساتن کانپوءِ ارسا پاران جاري ڪيل 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي 5 کان 6 ڏينهن ۾ سکر پهچي ويندو.










