ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءُ ۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان سنڌ صوبي کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي، وفاقي حڪومت ان معاملي تي نوٽس وٺي. صوبي ۾ آبپاشي سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي به شديد کوٽ آهي. انسان ، جانور ۽ فصل متاثر ٿي رھيا آھن . صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جو ملڪ جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي. ملڪ جي معيشت کي پهريان ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار رھي تہ ملڪ جي معيشت وڌيڪ مشڪل جو شڪار ٿي ويندي. پاڻي جي کوٽ سبب زرعي پيداوار ۽ ميون جا باغ سخت متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هاري ۽ آبادگار پريشان آهن، فصلن تي لاڳت جا خرچ به ڪڍڻ جي پوزيشن ۾ناھن رھيا. صوبائي وزير وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ کي 1991 ع جي معاهدي تحت پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرن جي کوٽ سبب پاڻي جي اڻاٺ جي بہ 1991 پاڻي فارمولي تحت ڪئي وڃي.










