نئون ديرو(رپورٽ شاد محمود ڀٽو )شهيدن جي شهر ۽ آخري آرام ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنهنجي ئي دور اقتدار ۾ مزار جي مين گهٽي گيٽ نمبر 13 جو مرمتي ڪم نه ٿي سگهيو جڏهن ته گندي پاڻي جون ناليون ڀڳل ۽ ٽٽڻ هئڻ سبب رهواسين کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو ناقص صفائي ڪري بيمارين ۽ موذي مرضن جي وڌڻ جو خطرو لاهق. ان ڏس ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي رهواسي عبدالرسول لغاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي افسوس جي ڳاله آهي ته دنيا جي عظيم ليڊرن ۽ شهيدن جو شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مالڪي نه آهي هن چيو ته مزار جي مين گهٽي جيڪا گيٽ نمبر 13 جي سامهون آهي ڪافي عرصي کان خراب لڳي پئي آهي هن مهل تائين نه ٽف پيور نه سي سي بلاڪ ڪرايو ويو آهي نه ئي صفائي سٿرائي جو ڪو بندوبست ٿيل آهي ناليون ٽٽل ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري روز گندو پاڻي گهٽين ۾ نڪري اچي ٿو. هنن ايم اين اي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري, ايم پي اي فريال ٽالپر کان مطالبو ڪيو ته شهيدن جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو تي توجه ڏئي رهيل ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.










