ڪراچي يونيورسٽي حملو پاڪ چين دوستي تي حملو آهي: وزير

ڪراچي يونيورسٽي حملو پاڪ چين دوستي تي حملو آهي: وزير

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪو پاڪ چين دوستي تي حملو آهي، ان کي پوري قوت سان منهن ڏينداسين.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي ذميوارن کي ڊيڄاريندڙ نشان بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.هن چيو ته پاڪستان چيني ڀائرن سان مڪمل طور تي متحد آهي، هي گڏيل ڏک آهي، هي پاڪ چين دوستي تي حملو آهي، ان کي پوري قوت سان منهن ڏينداسين. گهرو وزير چيو ته هو لاڳاپيل اختيارين سان ملاقات ڪري حقيقتون معلوم ڪندا ۽ عظيم دوست چين کي دهشتگردي جي جاچ بابت مڪمل آگاهه ڪندا. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته چيني شهرين جي سمورن سيڪيورٽي اپرنس جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو ۽ سڪيورٽي جو ڀرپور جائزو وٺڻ بعد موثر قدم کنيا ويندا. گهرو وزير چيو ته هر پهلو جي جاچ ڪئي ويندي ۽ وفاقي حڪومت جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو