اسلام آباد(بيورو)ماحوليات واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان معيشت کي خراب حالت ۾ ڇڏيو آهي. برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ شيري رحمان چيو ته عمران خان پنهنجي حمايتين کي ڀڙڪائي رهيو آهي پر پاڪستان کي هن وقت استحڪام جي ضرورت آهي.وفاقي وزير چيو ته هو چونڊن لاءِ تيار آهن پر ان کان اڳ چونڊ سڌارا ڪرڻ ۽ گذريل حڪومت جي غلطين کي درست ڪرڻ ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت کي ٿورڙي عرصي ۾ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي، گذريل حڪومت پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي سخت شرطن ۾ ڦاسايو هو.










