اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اهو ڪو ٻيو نه پر اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هو جنهن آمريڪي اهلڪار جي بيان تي آمريڪا کي فوري احتجاج کان روڪيو هو. ڳالهائيندي حنا رباني کر چيو ته آمريڪي اهلڪار جي ڳالهين بابت شاهه محمود قريشي کي فوري طور آگاهه ڪيو ويو هو پر شاهه محمود آمريڪا کي ڪو به فوري احتجاجي خط موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني سفير اسد مجيد جي خط جي آخري ٽن لائينن ۾ سفير جو پنهنجو تجزيو ۽ تجويز هئي ته آمريڪا کي ڊي مارچ ڪيو وڃي ۽ پڇيو ويو ته هي ڪنهن جو ذاتي موقف آهي يا حڪومت جي راءِ؟










