شرجيل ميمڻ سنڌ ڪابينا ۾  اِن، اويس قادر شاهه آئوٽ

شرجيل ميمڻ سنڌ ڪابينا ۾ اِن، اويس قادر شاهه آئوٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه کي ڪابينا مان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل ميمڻ کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ کي پ پ قيادت جي هدايت تي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پ پ قيادت شرجيل ميمڻ کي اطلاعات کاتي جو قلمدان ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هو سڀاڻي وزير طور حلف کڻندو. سعيد غني وٽ هن وقت سنڌ جي اطلاعات کاتي جو قلمدان آهي جڏهن ته هو ليبر وارو وزير پڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ واري وزير جو قلمدان هن وقت سنڌ جي وڏي وزير وٽ هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو