جلد ئي پرڏيهي وزير طور عهدي جو حلف کڻندس: بلاول ڀٽو زرداري

جلد ئي پرڏيهي وزير طور عهدي جو حلف کڻندس: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته هو جلد ئي پرڏيهي وزير طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو تفصيل موجب ايوان صدر ۾ گڏيل حڪومت جي وفاقي ڪابينه جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ اها توقع ڪئي پئي وئي ته بلاول ڀتو زرداري وفاقي ڪابينه ۾ شامل ٿيندو ۽ کيس پرڏيهي وزير جو عهدو ڏنو ويندو جڏهن ته هو وفاقي وزيرن جي مختلف سيٽن تي ويهڻ بدران مهمانن جي سيٽن تي اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر يوسف رضا گيلاني سان گڏ ويٺو رهيو تقريب کان پوءِ وزيراعظم شهبازشريف سمورن وزيرن سان هٿ ملائڻ انهن وٽ ويو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي خيريت معلوم ڪئي تقريب جي پڄاڻي تي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري کان پڇا ڪئي وئي ته اوهان حلف ڇو نه کنيو ته هن جواب ڏنو ته جلد ئي کني وٺندس پيپلزپارٽي جي وفاقي وزر ايوان صدر ۾ غير رسمي ڳالهائيندي چيوته بلاول ڀتو زرداري جي حلف کڻڻ واري معاملي تي اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو حنا رباني کر کي پيپلزپارٽي طرفان پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير نامزد ڪيو ويو آهي ۽ هن حلف کڻي ورتو آهي. جڏهن به بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي سان فيصلو ٿيندو ته اهو حلف کڻي وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو