پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو نواز شريف جي گهر ٻاهران احتجاج

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو نواز شريف جي گهر ٻاهران احتجاج

لنڊن(ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي انگ احتجاج ڪيو. نواز شريف جي گهر ٻاهران مظاهرين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي نفري موجود هئي. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جيم گولڊ سمٿ جي گهر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان کان علاوه واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ٻاهران عمران خان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ جي حمايتين سندس حق ۾ نعرا هنيا، مظاهرين ۾ اڪثريت جو تعلق واشنگٽن جي ويجهو رياستن سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو