حيدرآباد(ن سنڌيار)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي انتظام ھيٺ حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، نامياري ليکڪ نورالهدي شاهھ، زين شاهھ، عالم بروهي، ثمر حيدر جتوئي، احمد نواز انقلابي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، اديب ذوالفقار هاليپوٽو، مسرور شاهھ، سيد لعل شاهھ، گلشير ڪاڪا، سنڌو نواز گهانگهرو، اظهار سومرو سميت ٻيا شريڪ ٿيا ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل معاهدي تي تفصيلي ڳالھه ٻولهھ دوران مختلف اڳواڻن پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تھ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم معاهدو ڪنهن صورت ۾ قبول ناهي، موجوده پاليسي نه هلڻ ڏني ويندي، ڪانفرنس سڏائڻ جو مقصد سمورين سياسي پارٽين سان گڏ اديب، دانشور ۽ ساڃانه وندن کي گڏائي سنڌ دشمن معاهدن خلاف هڪ آواز بڻجون ھن چيو تھ اسيمبلي يا ڪنهن جي به لفظ تي ڀروسو ناهي، سنڌ جي دنگ جو معاملو آهي جنهن لاءِ سموري قوم کي هم آواز ٿيڻو پوندو.










