قومي  اسيمبلي پنهنجي نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪري ورتي: مرتضيٰ وهاب

قومي اسيمبلي پنهنجي نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪري ورتي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر، سنڌ حڪومت جي قانون واري صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان قائد بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي ۽ جمهوري بصيرت سبب جمهوريت جو قافلو پنهنجي منطقي انجام تي پهچي چڪو آهي. خراب وقت ختم ٿي چڪو آهي قومي اسيمبلي پنهنجي نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪري ورتي آهي، جمهوريت جي بهتري جو سفر جاري رهندو،ڏکڻ ضلعي ۾ ڪياماڙي کي ملائيندڙ هنڌ تي ڪراچي واسين لاءِ هڪ خوبصورت پارڪ ٺاهيو ويو آهي، 5 ايڪڙ تي ٻڌل امان ڪلثوم بلوچ فيملي پارڪ اڳ ڪچري جو ڍير هوندو هو پر هاڻي سرسبز پارڪ نظر اچي رهيو آهي، جنهن تي ضلعي ميونسپل انتظاميه ۽ عوامي نمائندا مبارڪباد جا مستحق آهن. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جو خاص معاون آصف خان، لياقت آسڪاڻي، پ پ ضلعي ڏکڻ جي صدر خليل هوت، جنرل سيڪريٽري شڪيل چوڌري، ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڪياماڙي اقبال ميراڻي، ميونسپل ڪمشنر محمد اسلم خان، ملڪ فياض ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن پڻ موجود هئا، ان موقعي تي ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هو هن پارڪ سان گڏ خوبصورت اربن فاريسٽ ٺاهي رهيا آهن جنهن سان هي علائقو وڌيڪ خوبصورت ٿيندو، هي اها تبديلي آهي جنهن جي دعوي ته ٻيا ڪندا هئا پر عمل رڳو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چاڪيواڙ روڊ، شير شاهه روڊ ۽ ڪڪري گرائونڊ تي به ڪم جاري آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن جنهن سان شهرين کي تمام گهڻيون سهولتون ملنديون، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي مثال نه ٿي ملي ته جڏهن چونڊيل نمائندن پنهنجي ووٽ ذريعي قائد ايوان کي هٽايو ۽ پوءِ جمهوري ۽ آئيني طريقي سان پنهنجي لاءِ نئون قائد ايوان چونڊيو، جنهن تي پوري قوم مبارڪباد لهي ٿي، هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ پيدا ٿيل انتشار کي ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، سياسي استحڪام ۽ معاشي استحڪام سان اچي ٿو ۽ معيشت جي خدمت دراصل عوام جي خدمت آهي، سياسي تبديليءَ جا ملڪي معيشت تي مثبت اثر پيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته سيڙپڪار عمران خان جي نئين پاڪستان بدران بلاول ڀٽو زرداري جو پاڪستان چاهين ٿا، اميد آهي ته اڳتي هلي وڌيڪ بهتري ايندي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ پبلڪ پارڪن، راندين جي ميدانن، روڊن، پلن ۽ انڊر پاسن سميت بنيادي انفرااسٽرڪچر کين ترقي ڏيڻ جو عمل جاري آهي، سينٽرل ضلعي ۾ 100 پارڪن جي مرمت جو منصوبو ٺاهيو هو ، جنهن مان 25 پارڪ عوام لاءِ کوليا ويا آهن. سينٽرل ضلعي ۾ ڪيترائي اهم روڊ تعمير ٿي رهيا آهن، اسان عوام لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا ۽ مستقبل ۾ به اهڙي ئي مثبت سوچ ۽ نيت سان ڪندا رهنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو