محمود خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ اڄوڪي ايجنڊا ۾ شامل

محمود خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ اڄوڪي ايجنڊا ۾ شامل

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ وڏي وزير محمود خان خلاف بي اعتمادي رٿ به شامل آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس اڄ 1 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مخالف ڌر جا ميمبر وڏي وزير محمود خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪندا. مخالف ڌر آئين جي آرٽيڪل 136 تحت اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ تي متحده اپوزيشن جي 42 ميمبرن صحيحون ڪيون آهن. خيبرپختونخواهه اسيمبلي رولز 1938 جي سيڪشن 18 ڊي جي سب سيڪشن 2 تحت اڄ ايوان ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻ کانپوءِ اجلاس ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو