عدم اعتماد اپوزيشن ۽ دفاع ڪرڻ منهنجو حق آهي، قريشي

عدم اعتماد اپوزيشن ۽ دفاع ڪرڻ منهنجو حق آهي، قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شهباز شريف جي سوال تي جواب ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آئين ۾ بي اعتمادي جي گنجائش موجود آهي، بي اعتمادي رٿ اپوزيشن ۽ ان جو دفاع ڪرڻ منهنجو حق آهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪيون ٿا، پاڪستان جي تاريخ آئين جي ڀڃڪڙي سان ڀريل آهي، 12 آڪٽوبر 1999ع تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، آئين ۾ ترميم جي اجازت ڏني وئي، جنهن جو قوم شاهد آهي شاهه محمود قريشي چيو ته فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري عدليه جي فيصلي کان اڳ بيان ڏنو ته ڪوئي نظريه ضرورت جي فيصلي کي قبول نه ڪنداسين هن چيو ته منهنجو وزيراعظم چوي ٿو عدالي فيصلي سان مايوس آهيان پر فيصلي جو احترام ڪندس، نظريه ضروت کي دفن ڪيو وڃي شاهه محمود قريشي ڳالهائي رهيو هو ته شهباز شريف اٿي بيهي چيو ته غدار ۽ فقير کي مائيڪ نه ڏيو ۽ شهباز شريف ۽ ٻين گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ته حڪومتي ميمبرن به گوڙ ڪيو ته اسپيڪر اجلاس ساڍي ٻارهين وڳي تي ملتوي ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو