سعودي پاران هن سال 10 لک ماڻهن کي حج جي اجازت

سعودي پاران هن سال 10 لک ماڻهن کي حج جي اجازت

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت هن سال 10 لک مقامي ۽ غير ملڪي حاجين کي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.واضح رهي ته گذريل ٻن سالن دوران ڪورونا وائرس سبب تمام محدود تعداد ۾ ماڻهن کي حج جي اجازت ڏني وئي هئي. بهرحال، سڄي دنيا ۾ وائرس جي ڪيسن ۾ وڏي گهٽتائي ۽ دنيا جي اڪثر آبادي جي مڪمل ويڪسينيشن سبب، هن سال وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي حج ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو