عدم اعتماد جي رٿ تي قومي اسمبلي ۾ ڪاروائي

عدم اعتماد جي رٿ تي قومي اسمبلي ۾ ڪاروائي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ جي ڪاروائي شروع ٿي چڪي آهي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ اجلاس هلي رهيو آهي. تلاوت، نعت ۽ قومي تراني بعد آصف علي زرداري جيئن ايوان ۾ پهتو ته زورداري ڊيسڪ وڄائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. اڄوڪي ڪاروائي جي ايجنڊا ۾ 6 نڪتا شامل آهن. اسپيڪر سوالن جوابن جي ساهي شروع ڪرڻ چاهي ته نويد قمر ۽ ميان شهباز شريف ان جي مخالفت ڪئي. شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ سليڪٽيڊ وزيراعظم کي هٽائڻ جو تاريخي موقعو آهي، ان دوران حڪومتي ميمبر شور ڪندا رهيا. شهباز شريف چيو سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق رڳو عدم اعتماد جي ڪاروائي ٿيندي، اسپيڪر چيو ته مان فيصلو پڙهيو آهي ان تي من و عن عمل ڪبو، هن چيو ته انٽر نيشنل سازش جي به ڳالهه آهي، خط بابت به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اسپيڪر شهباز شريف جي مائيڪ بند ڪري شاهه محمود قريشي کي فلور ڏنو ته واري گوڙ ٿيو، جنهن بعد اسپيڪر کيس ٻيهر فلور ڏنو. شهباز چيو ته عدالتي حڪم موجب 3 اپريل تي جاري ڪيل ايجنڊا تي ڪاروائي هلائڻي آهي. اوهان عدالتي حڪم موجب رڳو عدم اعتماد جي ڪاروائي ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته عدم اعتماد اپوزيشن جو حق آهي. اسانجي ملڪي تاريخ نظريه ضرورت هيٺ فيصلا ايندا رهيا ۽ مشرف کي ائين ۾ ترميم جو حق به ڏنو ويو جيڪو گهريو ئي نه ويو هو. قريشي ڊگهي تقرير ڪئي ته اپوزيشن وارن گوڙ ڪيو جنهن سبب اسپيڪر ساڍي ٻارهين تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو