ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ  غير آئيني قرار، قومي اسمبلي بحال

ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غير آئيني قرار، قومي اسمبلي بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي عدم اعتماد خلاف ڏنل رولنگ کي اتفاق راءِ سان غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنج رڪني بينچ قومي اسمبلي ٽوڙڻ وارو صدر جو فيصلو به فيصلو به غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ قومي اسمبلي بحال ڪندي ڇنڇر تي عدم اعتماد جي ڪاروائي لاءِ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينا بحال ٿي وئي آهي. فيصلو ٻڌائڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن ۽ اپوزيشن جا نعرا، جشن ۽ گو نيازي گو نيازي جي نعرن تي جهمريون هڻندي هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا رهيا. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر صبح ساڍي ڏهين کان اڳ اجلاس گهرائي، عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي، جيڪڏهن رٿ ڪامياب ٿي وڃي ته ساڳئي سيشن ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ مڪمل ڪئي وڃي. عدالت چيو آهي ته وفاداري مٽائيندڙ ميمبرن خلاف آرٽيڪل 63 اي هيٺ ڪاروائي هن حڪم سان روڪي نه ويندي. صدر ۽ وزيراعظم موجوده صورتحال ۾ جيڪو فيصلو ڪندا اهو عدالتي حڪم جي جائزي سان مشروط هوندو.عدالت جو هي مختصر فيصلو 8 صفحن ۽ 13 پيراگراف تي مشتمل آهي. تفصيلي فيصلو پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو. ان کان اڳ آئيني بحران بابت عدالتي فيصلي کان اڳ سياسي پارٽين جي نمائندن، چيف اليڪشن ڪمشنر، ميمبرن ۽ اسٽاف سميت عدالتي ڪمرا ۾ ساڍي ستين کان اڳي پهچي ويا، جونر وڪيلن کي پوليس روڪيو ته جهيڙو ٿي پيو ۽ ڌريون هٿين پئجي ويون. عدالتي ڪمرو ڀرجي ويو.سپريم ڪورٽ اسپيڪر جي رولنگ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اهو واضح نظر اچي ٿو ته اسپيڪر جي رولنگ غلط آهي، ڏسڻو هوندو ته اُن کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ قومي مفادن کي به نظر ۾ رکڻو آهي، ڪيس تي اڄ ئي فيصلو ٻڌايو ويندو، چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ فيصلو اڄ ئي ساڍي ستين وڳي ٻڌايو ويندو سپريم ڪورٽ ۾ بي اعتمادي رِٿ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته ڏسڻو هوندو ته اسپيڪر جي رولنگ ۽ اسيمبلي ٽٽڻ ۾ ڪيتري ٽائيم جو فرق آهي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته حالتون ۽ نتيجا ڏسي فيصلو ناهي ڪرڻو، آئين کي نظر ۾ رکي فيصو ڪرڻو آهي، سڀاڻي ڪوبه اسپيڪر ايندو ته اُهو به مرضي هلائيندو، عدالت کي اهو ناهي ڏسڻو ته ڪير ايندو يا ڪير نه اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رِٿ 28 مارچ تي ئي ختم ٿي وئي هئي، پارلياماني ڪارروائي کي مڪمل ڇوٽ ناهي، ڪارروائي جو ڪنهن حد تائين جائزو وٺي سگهي ٿو، پارليامينٽ جي هر ڪارروائي جو جائزو نٿو وٺي سگهجي

پهنجو تبصرو موڪليو