اسلام آباد: (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان ڪرسي بچائڻ جي لاءِ سول مارشل لا لڳايو. وڪيٽون کڻي ڀڄندڙن کان وڪيٽون بحال ڪرائينداسين.احسن اقبال چيو ته عمران خان ڪرسي بچائڻ لاءِ سول مارشل لا لڳايو. سموري دنيا ۾ پاڪستان مٿان ماڻهو کلي رهيا آهن. پاڪستاني گورننس جي عالمي سطح تي مذاق اڏايو پيو وڃي. هن چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي سفارتڪاري داءُ تي لڳي چڪي آهي. عمران خان سڀني کان پهريان چين تي حملو ڪيو، سي پيڪ تي حملو ڪندي ان کي کي رول بيڪ ڪيو.هن چيو ته تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ بيهي يورپي يونين مٿان الزام لڳايا ويا. يورپي يونين کي به ائين ئي بيعزت ڪيو ويو جيئن مخالفن کي ڪيو ويندو آهي.










