يوڪرين جي شهر بوچا ۾ اجتماعي قبر مان 57 ماڻهن جا لاش هٿ

يوڪرين جي شهر بوچا ۾ اجتماعي قبر مان 57 ماڻهن جا لاش هٿ

ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي شهر خارڪيو ۾ روسي فوج جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست ڄڻا مارجي ويا ۽ 34 زخمي ٿي پيا. خابرو اداري موجب يوڪرين جي شهر بوچا ۾ اجتماعي قبر مان 57 ماڻهن جا لاش مليا آهن، يوڪرين جي فوج تازو ئي علائقي کي روسي فوج کان واپس وٺي ڇڏيو آهي. يوڪرين اجتماعي قبر مان مليل لاشن جي جاچ لاءِ بين الاقوامي ٽربيونل جو مطالبو ڪيو آهي. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل اينڊرس فوگ راسموسن چيو آهي ته بووچا ۾ شهرين جو قتل خوفناڪ ۽ بلڪل ناقابل قبول آهي، جڏهن ته فرانسيسي صدر به واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته روسي اختيارين کي انهن ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو