عدم اعتماد، وزيراعظم جي قوم کي احتجاج جي اپيل

عدم اعتماد، وزيراعظم جي قوم کي احتجاج جي اپيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ جي نوجوانن کي احتجاج جو سڏ ڏيندي چيو آهي ته احتجاج توهان جو حق آهي، نوجوان منهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ملڪ جي مستقبل لاءِ آواز اٿارين.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ جي عنوان سان نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ نوجوانن وزيراعظم عمران خان چيو ته مان ان ڪري نوجوانن سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هن وقت پاڪستان هڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺو آهي، ان ۾ توهان جو مستقبل آهي ته ڪيئن پاڪستان ٺهندو.هن چيو ته سياستدانن جي ٻڪرين جيان نيلامي ٿي رهي آهي، ٻاهرين ملڪ مان سازش ٿي رهي آهي، اڄ قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ڪهڙي پاسي ويندي، جيڪڏهن نوجوان چپ ويٺل رهيا ته اهي برائي جو ساٿ ڏيندا، توهان سڀ پنهنجو آواز اٿاريو، جنهن لاءِ نه پر پنهنجي مستقبل جي لاءِ، ڇو ته هن وقت پاڪستان ۾ مستقبل جي جنگ وڙهي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو