وزيراعظم محفوظ رستي لاءِ ڪنهن کي ناهي چيو، گِل

وزيراعظم محفوظ رستي لاءِ ڪنهن کي ناهي چيو، گِل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معامل بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي لاءِ محفوظ رستو ناهي گهريو، اهي افواهه پکيڙيا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم استعيفا نه ڏيندو ۽ آخري بال تائين مخالف ڌر سان وڙهندو.شهباز گل چيو ته وزيراعظم مخالف ڌر کي نه ته ڪا آفر ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن محفوظ رستي بابت رابطو ڪيو آهي.خاص مددگار چيو ته سڀ ڏسندا ته هي قوم پنهنجي ليڊر عمران خان سان ڪيئن بيٺي آهي، ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته جيڪڏهن عمران خان کي هٽايو ويو ته سڀ معاف ڪري ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو