محفوظ رستو استعيفا آهي، ملڪي مفاد جو خيال ڪريو، بلاول

محفوظ رستو استعيفا آهي، ملڪي مفاد جو خيال ڪريو، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان لاءِ منهنجو واضح پيغام آهي ته سندس لاءِ ڪو به محفوظ رستو ناهي، نه اين آر او نه ئي ايمنسٽي ۽ نه ڪوئي بيڪ ڊور ايگزٽ ملندو. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان باعزت رستو اختيار ڪري، عمران خان تون ڪنهن وقت ۾ هن ملڪ جو رانديگر هئين، ٻيو ڪجهه به نه آهين. بلاول چيو ته عمران خان توهان پنهنجي اننگز کيڏي چڪاآهيو ۽ شفاف عمل ذريعي شڪست به کائي چڪا آهيو، عزت وارو رستو اهو آهي ته اڄ ئي استعيفيٰ ڏئي هليا وڃو . هن چيو ته سان پنهنجي عددي اڪثريت ثابت ڪري ڇڏي هاڻي عمران خان اچو ۽ اوهان پنهنجي اڪثريت ثابت ڪريو يا عوام لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا نه ڪريو، آئيني بحران نه پيدا ڪريو ان ۾ اوهان جي عزت ٿيندي، آخري بال تائين ويڙهه جا مشورا ڏيڻ وارن کي پنهنجو فڪر آهي. بلاول زرداري چيو ته عمران خان کي تجويز ڏني وئي آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو،  سو پهچي چڪو آهي. توهان بي اعتمادي جي جمهوري هٿيار کي پرڏيهي سازش قرار ڏيو ٿا، هن الزام مڙهيو ته عمران خان کي ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، غير سياسي ادارن کي تڪراري بڻائڻ، فوج کي لالچائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اهڙا مشورا ملڪ، قوم، آئين ۽ جمهوريت جي به خلاف آهن. هن چيو ته اپوزيشن ۽ هن ملڪ جو عوام جمهوريت تي سمجهوتو نٿا ڪري سگهن، تحريڪ عدم اعتماد لاءِ 3 سالن کان جدوجهد ڪري رهيو آهيان، اهو مڪمل طور تي جمهوري عمل آهي، تحريڪ عدم اعتماد ۾ ڪنهن جي ڪلهي تي سوار ٿي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، هن چيو ته خان صاحب هي ڪرڪيٽ ميچ ناهي، اسان کي ملڪي مفاد جو خيال رکڻو پوندو، خط بابت ٻاراڻيون حرڪتون بند ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو