قنديل بلوچ قتل ڪيس جي جوابدار جي بريت خلاف اپيل

قنديل بلوچ قتل ڪيس جي جوابدار جي بريت خلاف اپيل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ سوشل ميڊيا اسٽار قنديل بلوچ جي قتل ڪيس ۾ واحد جوابدار جي بريت کي چئلينج ڪندي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ رياستي اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ملتان بينچ 14 فيبروري تي قنديل بلوچ جي ڀاءُ محمد وسيم کي پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) جي سيڪشن 311 تحت 2019ع ۾ عمر قيد جي ٻڌايل سزا جوابدار کي گهر ڀاتين پاران معاف ڪرڻ تي سزا رد ڪندي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل خرم خان طرفان داخل ڪيل رياستي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جوابدار جي اپيل منظور ڪندي قانون ۽ ڪيس جي حقيقتن کي اصل تناظر ۾ نه سمجهيو آهي. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سي آر پي سي جي سيڪشن 164 تحت جوابدار جو اعترافي بيان کيس سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي هو پر لاهور هاءِ ڪورٽ رڳو ٽيڪنيڪل ۽ مفروضن جي بنياد تي ان کي رد ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پاران اعترافي فيصلي ۾ ڏنل تبصرا ملڪي قانون جي خلاف آهن ۽ قانون جي نظر ۾ پائيدار نه آهن. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سائنسي ثبوتن جي هن دور ۾ بينچ پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي (پي ايف ايس اي) جي ڊي اين اي رپورٽن کي نظر انداز ڪيو جيڪو هر حوالي سان پراسيڪيوشن جي ڪيس کي مضبوط ڪري ٿو. ملزم قتل جي جاءِ واردات تي موجود آهي، غيرت جي نالي قتل ٿيو، پولي گراف ٽيسٽ تي به غور ناهي ڪيو ويو. عدالت قانوني وارثن جي لسٽ طلب ڪرڻ بنا سمجهوتي جي بنياد تي جوابدار کي آزاد ڪيو. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سهيل ناصر جو فيصلو رد ڪري ٽرائل ڪورٽ جي ڏنل سزا بحال ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو