سنڌ هائوس ۾ پوليس ڪمانڊوز پريڊ لاءِ آيا آهن، سعيد غني

سنڌ هائوس ۾ پوليس ڪمانڊوز پريڊ لاءِ آيا آهن، سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ حڪومت ۾ اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ هائوس ۽ پريڊ گرائونڊ ۾ سنڌ پوليس جي موجودگي جو سبب 23 مارچ جي پريڊ آهي. حڪومتي ترجمان اسلام آباد ۾ سنڌ پوليس جي موجودگي کي سياسي مسئلو قرار ڏئي يوم پاڪستان جي پريڊ کي تڪراري نه بڻايو وڃي. سعيد غني چيو ته اسلام آباد ۾ ريپڊ رسپانس فورس، ايس آءِ يو ۽ ٽريفڪ پوليس تي مشتمل سنڌ پوليس جي اهلڪارن جي موجودگي جو ڪنهن به سياسي مسئلي سان ڪو به تعلق ناهي. سنڌ پوليس جي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جا 182 ڪمانڊوز 23 مارچ جي پريڊ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ۾ موجود آهن. ڪراچي جي مختلف ضلعن ۽ ٽريفڪ پوليس جا 131 آفيسر ۽ ريپڊ رسپانس فورس جا 58 آفيسر به يوم پاڪستان پريڊ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهن. يوم پاڪستان پريڊ ۾ شريڪ سنڌ پوليس جا اهلڪار سنڌ هائوس سميت مختلف هنڌن تي ترسيل آهن، پوليس قومي ادارو آهي، سياسي نفرت ۾ ادارن جي تشخص کي نشانو بڻائڻ عمران خان جي ترجمان جو افسوسناڪ عمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو