ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وائيس چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ واٽر بورڊ جو اعليٰ سطحي اجلاس چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ٿيو، اجلاس ۾ چيف انجنيئر بلڪ ظفر پليجو، چيف انجنيئر واٽر سڪندر زرداري، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، پرسنل سيڪريٽري آغا سعيد ۽ سمورن سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم سمورن آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ رمضان المبارڪ کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي متعلق موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان سلسلي ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪندس. هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي نگرانيءَ ۾ واٽر بورڊ شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ بهتر قدم کڻي رهيو آهي.










