ممبئي(ويب ڊيسڪ)فلمساز وويڪ رنجن اگني هوتري جي نفرت ۽ مسلمان مخالف فلم ”دي ڪشمير فائلز“ سان ڀارت ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ سئنيما گهرن ۾ مسلمان مخالف نعرا گونجڻ لڳا آهن. ”دي ڪشمير فائلز“ ڪجهه ڏينهن اڳ رليز ٿي هئي، جنهن جي ڪهاڻيڪار ۽ هدايتڪار وويڪ رنجن فلم جو ڪو پروڊيوسر پڻ آهي. فلم ۾ وويڪ رنجن جي زال اداڪارا پلوي جوشي پڻ فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي هڪ طرح سان پاڪستاني روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. فلم ۾ سينيئر اداڪار انوپم کير ۽ مٿن چڪرورتي ڪشميري پنڊتن جي روپ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. فلم جي ڪهاڻي 1990ع ۾ والاريل ڪشمير ۾ ٿيل مسلمانن جي نسل ڪشي جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي پر حيرت انگيز طور تي فلم ۾ مسلمانن جي بدران پنڊتن جي نسل ڪشي کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ مسلمانن کي دهشتگرد طور پيش ڪيو ويو آهي. فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪشمير هندن جو هو ۽ مسلمانن ان تي قبضو ڪيو آهي. فلم رليز ٿيڻ بعد وزيراعظم نريندر مودي ۽ هندو انتها پسند ان جي خوب تعريف ڪري رهيا آهن.










