اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت او آءِ سي اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته او آءِ سي اجلاس کانپوءِ ئي بي اعتمادي جي رٿ اڪلائي ويندي. رٿا بندي واري واير اسد عمر ٽوئيٽ ڪئي آهي ته ڊي چوڪ تي وزيراعظم 27 مارچ تي جلسي کي خطاب ڪندو. سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته عدم اعتماد جي ووٽنگ 28 مارچ تي ٿيندي. وزيراعظم جي صدارت۾ ٿيل ڪور ڪميٽي ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. فواد چوڌري اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 27 مارچ تي ڊي چوڪ تي عوامي سمنڊ هوندو، حڪومت خلاف ووٽ ڏيندڙن کي اسمبلي ۾ وڃڻ ۽ موٽڻ بعد اتان گذرڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته سڀ پتا حڪومت وٽ آهن، هنن 3 جوڪرن کي ڪجهه هٿ نه ايندو، هنن جي سياست ختم ٿي ويندي.فوادچوڌري جيڪو اڳ م اپوزيشن سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيو هو اهو پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد جارحاڻي موڊ ۾ نظر آيو ۽ بظاهر لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جارحاڻي پاليسي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير کي چيو ويو آهي ته اپوزيشن کي ٽارگيٽ ڪيو، سندن ڪرپشن جا معاملا اٿاريو ۽ سڄي ملڪ ۾ سياسي جلسا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










