اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي قانون واري برانچ عدم اعتماد بابت قانون جي تشريح کي رد ڪري پنهنجو موقف اسپيڪر کي پيش ڪري ڇڏيو. بي اعتمادي واري رٿ جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سينئر آفيسرن، قانوني ماهرن ۽ قانوني برانچ کان بريفنگ ورتي ۽ مختلف سوال پڇيا. اسپيڪر سوال ڪيو ته ڇا مان منحرف ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي سگهان ٿو؟ جنهن تي لاڳاپيل اختيارين جواب ڏنو ته ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي، جيڪڏهن ڪو ميمبر پارٽي پاليسي جي خلاف ويو ته ان تي عمل ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي، آئين جو آرٽيڪل 63 وَن اَي بلڪل واضح آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سوال ڪيو ته جيڪڏهن وزيراعظم يا پارٽي چيف ويپ شڪي ميمبرن جا نالا موڪليا ته پوءِ ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا منحرف ميمبرن تي ووٽ ڏيڻ کان اڳ رول ڪال ڏئي سگهجي ٿي؟ لاڳاپيل عملدارن جواب ڏنو ته پارٽي چيئرمين جو باضابطا اعلان اچڻ کانپوءِ ئي اسپيڪر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.










