خدائي خدمتگار جي پٽ شاهه رخ خان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

خدائي خدمتگار جي پٽ شاهه رخ خان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ خان يعني شاهه رخ خان چوڻ آهي ته 1990 ۾ والده جي وفات کان وٺي هن ماني کائڻ ڇڏي ڏني آهي. هن انڪشاف ڪيو ته سندس والده لطيف فاطمه جيڪا حيدرآبادڻ هئي، پنهنجي هٿن سان کيس ماني کارائيندي هئي. هوءَ برياني ڪمال جي ٺاهيندي هئي. تازو ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سندس والد مير تاج محمد خان قصا خواني بازار پشاور جو پٺاڻ هو، جيڪو 1948 ۾ لڏي نئين دهلي آيو. جتي هن 1959 ۾ شادي ڪئي. شاهه رخ خان جو والد پڪو ڪانگريسي ۽ باچا خان جو پيروڪار ۽ خدائي خدتمتگار تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. شاهه رخ خان موجب سندس والدين دهلي ۾ هوٽل هلائيندا هئا ۽ ٻئي بهترين بورچي هئا. والد پشاوري  کاڌن ٺاهڻ جو ماهر هو ۽ سندس والده برياني جي ايڪسپرٽ هئي. شاهه رخ جو نانو مير جان محمد خان افغاني ۽ ناني ڪشميري هئي،  شاهه رخ خان هاڪي ۽ فٽبال جو شوقين هو پر ڪلهي ۾ زخم بعد هن اسپورٽس ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. سندس والد 1981 ۾ ڪينسر ۽ والده 1990 ۾ شگر سبب فوت ٿي، هن 1991 ۾ پنجابي هندو ڇوڪري گوري چبڙ سان شادي ڪئي. ان کان اڳ ۾ هنن جي ڪامياب سنگت 6 سال جار رهي. هنن کي پهريون ٻار 1997 ۾ آريان ڄائو ۽ 2000 ۾ سهانا نالي نياڻي ڄائي. جنهن بعد ٿرڊ پارٽي يعني سروگيٽ ذريعي 2013 ۾ ٽيون ٻار ابرام ڄايو. شاهه رخ جو چوڻ آهي ته هو مسلمان آهي ۽ سندس زال هندو، ٻار ٻنهي جي مذهبن جي ٿلهي ليکي پريڪٽس ڪندا آهن ۽ مٿن ڪا پابندي ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو