ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ شھر تباھي جي ڪناري تي پهتل.شھر جو ڊرينج نظام برباد ۽ گندگي جا ڍير لڳل صفائي جو نظام درھم برھم.ڪيترن ئي جعلي ڪچن ملازمن جي نالن تي ھر مهيني لکين روپيه ھڙپ ڪيا پيا وڃن.ڪيترن ئي سالن کان شھر اندر ترقياتي ڪمن جو نالو نشان به نه آھي.تفصيل موجب ميونسپل ڪميٽي ڪنڌڪوٽ سالياني ڪروڙين روپيه بجٽ ھوندي به ڪيترن ئي سالن کان شھر اندر ترقياتي ڪمن جو نالو نشان ظاھر ڪونه آھي.جڏھن ته شھر جي ٽوٽل 16 وارڊن ۾ نه ڊرينج نظام.صفائي ۽ نه وري روڊ رستا تعمير ڪرايا ويا ھر طرف ۽ ھر وارڊ ۾ گٽرن جو پاڻي بيٺل ۽ گندگي جا ڍير نظر اچي رھيا آھن مختلف سياسي سماجي ۽ شھري اڳواڻن پاران وفد جي صورت ۾ ميونسپل انتظاميا سميت ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي شڪائتون ڪيون ويو پر ڪو به کڙ تيل سامهون ڪونه اچي سگهيو.جڏھن ته پوري شھر جي اسٽريٽ لائيٽ نظام گذريل ڪيترن ئي سالن کان تباه حال بڻيل آھي ۽ رڪارڊ ۾ ھر مھيني لکين روپيه لائيٽنگ جي مد ۾ ڪڍيا پيا وڃن.ٻئي پاسي ميونسپل ڪميٽي کي ماھوار بجيٽ سوا ٻه ڪروڙ سنڌ سرڪار اماڻيندي آھي انجي باوجود ملازمن کي وقت سر پگهارون نه ملڻ جون شڪائتون سامهون اچڻ لڳيون آھن جنهن بابت معلوم ٿيو آھي ته ھڪ مهيني جي ايندڙ بجيٽ خربرد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملازمن کي پگهار وقت سر نه پئي ڏني وڃي.ان سلسلي ۾ وڌيڪ اھو به معلوم ٿيو آھي ته صفائي عملي ۾ سوين ڪچا ملازم رکيا ويا آھن جنهن ۾ چند ملازم صفائي واري عمل ۾ نظر اچي رھيا آھن ۽ ھڪ سو کان وڌيڪ جالي نالن ذريعي ملازمن جون پگهارون ھڙپ ڪيون ٿيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ اھا به سڌ ملي آھي ته ڪچن ملازمن جي مقرر پگهار مان به ھزارين روپيه ڪٽوتي ڪندي ڪچن ملازمن کي ماھوار اٺ ھزار روپيا ڏنا پيا وڃن.










