سياست جا منظر مٽجڻ لڳا، جهونن کي جهٽڪو، نوجوان سرگرم

سياست جا منظر مٽجڻ لڳا، جهونن کي جهٽڪو، نوجوان سرگرم

گهوٽڪي نيوز (رپورٽ حميد ڪلادي) اين اي 205 جي ننڍي چونڊ ۾ باقي ٻه هفتا بچيا آهن پر اڃان تائين ڀرپور چونڊ مهم شروع ناهي ٿي سگهي. علائقي جا ٻه هيوي ويٽ سياستدان علي گوهر خان مهر ۽ مير خالد احمد خان لنڊ اڃان سرگرم ناهن ٿيا ۽ سند خاموشي سبب مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ننڍي چونڊ سبب ڄام سيف الله خان ڌاريجو جي لاٽري لڳي وئي ۽ هو پي پي ۾ موٽي آيو آهي. پيپلز پارٽي جو ايم پي آي راجه مهر به اڄان کلي نه پيو کيڏي پر ڳجهه ڳوهه ۾ پارٽي جي مخالفت ڪري رهيو آهي. قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته ڄام سيف الله ڌاريجو جي واپسي پيپلز پارٽي کي پوري ضلعي ۾ وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ڪندي، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار چئون ٿا. هوڏانهن سردار محمد بخش خان مهر ڄام اڪرام سان گڏجي هاليجي جو دورو ڪري جي يو آءِ اميدوار کي پنهنجي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ ملاقات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پاران مولانا فضل الرحمان سان رابطي دوران کيس پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائڻ لاءِ چيو هو پر مولانا کين شروع ۾ مثبت موٽ نه ڏني هئي پوءِ هنن ۾ رنجش ٿي ۽ معاملا ان حد تائين پهتا ته مولانا پاران گهرايل ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ بلاول وڃڻ کان انڪار ڪيو هو پر بعد ۾ معاملا طئي ٿي ويا ۽ مولانا جي صلاح سان محمد بخش خان وارا هاليجي ويا. ذريعن موجب پيپلزپارٽي جو هڪ وڏو منٿ ميڙ قافلو جلد ٻيهر هاليجي ويندو جنهن بعد اهم اعلان متوقع آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ننڍي چونڊ بعد ضلعي جي چيئرمين شپ جي تبديلي بابت ڪم شروع ٿيندو. ذريعن موجب خالد خان لنڊ ضلعي چيئرمين شپ پنهنجي پٽ لاءِ گهري پيو ۽ خاطري نه ملڻ سبب چپ آهي. سردار محمد بخش خان پنهنجي ڀاءَ بنگل کي ضلعي چيئرمين بڻائڻ چاهي ٿو. هوڏانهن احمد علي خان ۽ علي گوهر خان جو پٽ حاجي خان مختلف ماڻهن سان ملي رهيا آهن پر اڃان کين ڀرپور موٽ ناهي ملي. علائقي ۾ مهر برادري وسوسي جو شڪار آهي ته هو ڪنهن جو ساٿ ڏئي. البته مهرن ۾ اها ڳالهه گردش ڪري پئي ته سردار غلام محمد خان جو پڳدار پٽ پهريون دفعو کانئن ووٽ گهري پيو ان ڪري سندن ان پاسي لاڙو وڌيڪ ٿو لڳي. هوڏانهن محمد بخش خان مهر مختلف علائقن جي دوري دوران چيوته پيپلز پارٽي ميدان تي نڪري چڪي آھي ۽ هاڻي مفاد ۽ موقعي پرست سياستدان ضلعي ۾ ڳولهيا نه لڀندا. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جا جيالا، اڳواڻ ۽ سندس اتحادي ساڻس گڏ آھن  ۽ فتح ھر حال ۾ پيپلز پارٽي جي ٿيندي ۽ چالاڪ جهونن جي شڪست مقدر بڻجي چڪي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته مهر برادري منهنجي آھي ۽ مان هنن جو آھيان تنهن ڪري مهر برادري خوف نه کائي مان ميدان تي اچي ويو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو