اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدم اعتماد بابت حڪومتي ۽ اپوزيشن حلقن م سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ڪورڪميٽي جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ هن چيو ته چورن جو ٽولو ڀلي ڪوشش ڪري اسين سندن ڀرپور نموني مقابلو ڪنداسين. اڄ سيد خورشيد شاهه مولانا فصل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات بعد مولانا فضل الرحمان چيو ته 48 ڪلاڪن اندر عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي. شام جو زرداري هائوس تي ٽنهي پارٽين جي سربراهن يعني آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي ملاقات ٿي. جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، خواجا آصف، اياز صادق ۽ خواجا سعد رفيق به موجود هئا. جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران يوسف رضا گيلاني، سيد خورشيد شاهه، نويد قمر، مراد علي شاهه، مرتضيٰ وهاب، فاروق نائڪ ۽ رخسانا بنگش موجود هئا. اجلاس دوران قانوني ماهرن عدم اعتماد بابت قانوني تقاضائن ۽ طريقي ڪار بابت اجلاس کي بريف ڪيو. اڄ منجهند مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس به ٿيو هو. هوڏانهن لاهور ۾ جهانگير ترين جي گهر سندس گروپ جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جهن ۾ عليم خان به شرڪ ٿيو ۽ جهانگير ترين لنڊن مان ويڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيو. ذريعن موجب عليم خان سان مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻن جو به رابطو ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ اپوزيشن وارا عدم اعتماد جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪندا. پرويز الاهي وزيراعظم کي چيو آهي ته وقت گذرندو پيو وڃي اوهان فيصلن ۾ دير پيا ڪريو. وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات به ٿي پر اها نيشنل ايڪشن پلان بابت هئي. وزيراعظم، پرويز خٽڪ ۽ عمران اسماعيل کي جهانگير ترين ۽ عليم خان سان رابطن جو ٽاسڪ ڏنو آهي. اهم فيصلا ڪريو،










