سرحد (رپورٽر غلام عباس مهر) درگاه سليم شاهه بخاري واسي سيد موج علي شاهه ۽ خليفي فياض دايو جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آھي، ڌاڙيلن پاران مغوي فياض دايو جي وارثن کي فون ڪري مغوين جي بازيابي لاء 40 لک روپيه ڀُنگ پڻ طلب ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مغوي فياض دايو ڪي والد نياز حسين دايو جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن فون ڪري مغوين جي بازيابي لاء 40 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪيو آھي ڀُنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آھي، هن وڌيڪ چيو ته اسان مسڪين ماڻهون آهيون 40 لک روپيه ڀُنگ جي رقم ڪٿان آڻيون هن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي بازيابي جي اپيل ڪئي آھي، هوڏانهن گهوٽڪي پوليس جو چوڻ هو ته معاملو اسانجي حد جو ناهي ڪشمور ضلعي مان مغوي اغوا ٿيا آھن تنهن جي باوجود به معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو پڻ متل آھي.










